الهه بخش محمدي

الهه بخش محمدي

الهه بخش محمدي

الهه بخش محمدي: اتر سنڌ جي مشهور تعليمدان الهه بخش محمديءَ 8 مارچ 1921ع تي دادلوءِ تعلقي پني عاقل ۾ جنم ورتو. سندس والد استاد حاجي محمد عارب به هڪ ناليوارو استاد هو. الهه بخش محمدي ابتدائي تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪئي. سنڌي فائنل ڳوٺ هنڱوري مان استاد گرني مل وٽ پڙهيو. سيڪنڊري تعليم وِديالو هاءِ اسڪول گهوٽڪيءَ مان پاس ڪيائين. ڪاليجي تعليم شڪارپور جي مشهور ڪاليج سي. ائنڊ. ايس مان حاصل ڪيائين، جتي ناليوارو شاعر شيخ اياز سندس صحبتي رهيو. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ بئنگلور ۾ ڀارتي ايئرفورس ۾ ڀرتي ٿيو، پر والد جي استدعا تي اها نوڪري ڇڏي آيو. ڪجهه عرصي کانپوءِ علامه دائود پوٽي صاحب کيس هاءِ اسڪول ٽيچر جو آرڊر ڏنو جنهن بعد پني عاقل ۽ ڳڙهي ياسين ۾ پڙهايائين. جتان نوڪريءَ تان استعيفا ڏيئي 1951ع ۾ وڪالت پڙهڻ لاءِ لاڪاليج حيدرآباد ۾ داخل ٿيو، جتي شام جو پڙهندو هو ۽ صبع جو جامعه عربيه هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهائيندو به هو. گڏوگڏ آغا تاج محمد جي پٽن آغا شهاب الدين ۽ سندس ڀاءُ کي ٽيوشن پڻ ڏيندو هو. ان عرصي دوران نور محمد هاءِ اسڪول جي انتظاميه کيس نوڪريءَ جي آڇ ڪئي، پر قبول نه ڪيائين. هي جڏهن جامعه عربيه هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ استاد هو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري جي سينيٽ جو ميمبر به رهيو. تن ڏينهن ۾ علامه آءِ.آءِ. قاضي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائس چانسلر هو. الهه بخش محمديءَ، جامع عربيه جي هيڊ ماستر علي اڪبر تنيي سان گڏجي حسابن جو لاجواب ڪتاب ’Simple Arithmetic‘ تصنيف ڪيو، جنهن جي Key به متعارف ڪيائين. ان ڪتاب جو مهاڳ ناليواري تعليمي ماهر سيد عبدالحسين شاهه موسويءَ لکيو. ڪتاب 1962ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي مئٽرڪ جي نصاب تي لاڳو رهيو. الهه بخش محمدي، عطا حسين شاهه موسوي ڪاليج روهڙي ۽ عبدالحسن شاهه اورنٽيل ڪاليج سکر جو ميمبر به رهيو. ايل. ايل. بي امتيازي نمبرن سان پاس ڪري واپس پني عاقل آيو ۽ سکر جي مشهور وڪيل قائم الدين جتوئيءَ وٽ پريٽڪس ڪرڻ لڳو. 1958ع ۾ هن پني عاقل ۾ نيو ماڊل هاءِ اسڪول نالي پنهنجو هڪ اسڪول قائم ڪيو. جيڪو پنهنجي نوعيت جو پهريون خانگي تعليمي ادارو هو. سندس شاگردن ۾ اتر جي مشهور اداري مهراڻ ماڊل اسڪول جو باني انور الدين شيخ، تعليمدان عبدالحليم چاچڙ، محمد سعدل آچراڻي، مشهور وڪيل شاهنواز خان چاچڙ، ’مهراڻ‘ اخبار جو ايڊيٽر سيد سردار علي شاههذاڪر‘، اڳوڻو ڊي. آءِ. جي عبدالله خان چاچڙ ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو اڳوڻو چيئرمئن محمد حسن ڀٽو قابل ذڪر آهن. الهه بخش محمدي مهراڻ ماڊل اسڪول جو اعزازي سيڪريٽري به رهيو، هتي قانون دان ۽ شاعر فتاح ملڪ، حافظ ارشد انڍڙ، مولانا محمود الحسن هاليجوي وغيره هن اسڪول ۾ تدريسي خدمتون سر انجام ڏنيون. هيءُ اسڪول 1958ع کان مارچ 1962ع تائين هاءِ اسڪول طور هليو. محمدي صاحب مئٿميٽڪس، جاميٽري ۽ انگلش جا ڪلاس شام جو وٺندو هو. استاد الهه بخش محمدي، ذوالفقار علي ڀُٽي جي پهرئين دؤر ۾ پيپلز پارٽي پنو عاقل سٽيءَ جو صدر به رهيو. هن 1999ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ الهه بخش محمديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1921.03.08  عيسوي

اتر سنڌ جي مشهور تعليمدان الهه بخش محمديءَ 8 مارچ 1921ع تي دادلوءِ تعلقي پني عاقل ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خورشيد حسن شيخ
تاج محمد فقير
سهراب مگسي
حبيب الله ڏيپلائيِ
راهب شاهه شيرازي
ڄام فيروز سمو
علي رضا سهتو قاضي
مير محمد علي خان ٽالپر بهرور
سيٺ طيب علي علوي
صابري يشڪري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون